ساروهه ڍنڍ

ساروهه ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ ضلعي قنبر شهدادڪوٽ جي تعلقي وارهه جي يونين ڪائونسل غيبي ديري ۾ واقع آهي. هيءَ ڍنڍ ڪاڇي جي ڍنڍن جي سلسلي جي هڪ ڍنڍ آهي، جن ۾ حمل ڍنڍ، ڪاڇڙي ڍنڍ ۽ بڊام ڍنڍ اچي وڃن ٿيون. هيءَ ڍنڍ حمل ڍنڍ ويجهو بچا بند سان گڏ آهي. هن جي اولهه ۾ کيرٿر، اتر ۾ وارهه تعلقو ۽ ڏکڻ ۾ حمل ڍنڍ ۽ جوهي تعلقو اچن ٿا. قديم دور ۾ ڪاڇي جي حد مان سنڌوءَ جي هڪ شاخ وهندي هئي، جنهن کي ساروهه جو وهڪرو سڏبو هو. چيو وڃي ٿو ته ساروهه نالي چنن جو ڳوٺ هتي پراڻي وقت کان آباد هو. ساروهه درياهه جو وهڪرو ڪاڇي مان وهي منڇر ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. جڏهن ساروهه جو وهڪرو ختم ٿيو ته ان مان ٽي ڍنڍون نڪري نروار ٿيون، جن مان بڊام، ڪاڇڙي ۽ ساروهه اچي وڃن ٿيون. هڪ روايت موجب ساروهه سردار پُنري خان جي هڪ پٽ جو نالو هو. ساروهه ڍنڍ ۾ مڇي، پکي، بهه، لوڙهه، ڪم، پٻڻ جام ٿيندي هئي، انگريز دور ۾ چانڊين جي سردار نواب غيبي خان سان گڏ انگريز گورنر ۽ ڪليڪٽر هن ڍنڍ تي شڪار ڪندا هئا.


لفظ ساروهه ڍنڍھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو